سيده شهلا رضا

سيده شهلا رضا: سـنڌ اسيمبليءَ جي موجـوده ڊپٽـي اسپيـڪـر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ، سيده شهلا رضا، 15 مئي 1964ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد محسن رضا زيديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڪاليج خيرپور مان ڪرڻ کانپوءِ هن گرئجوئيشن ۽ پوسٽ گرئجوئيشن سائيڪالوجيءَ ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان ئي يونيورسٽيءَ کان هن 1986ع ۾، پيپلز پارٽيءَ جي ذيلي تنظيم پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PSF) جي پليٽفارم تان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. اهو جنرل ضياء الحق جي مارشل لا جو ڪارو دؤر هو، جڏهن سياست ۽ خاص ڪري مزاحمتي سياست، نوجوانن لاءِ رومانس بنجي وئي هئي.
شهلا رضا سياسي ميدان ۾ پير پائڻ جي ٽن سالن کانپوءِ پي. ايس. ايف ڪراچيءَ جي جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿي. اهڙيءَ ريت ترقي ڪري 2005ع ۾ هوءَ ڪراچي ڊويزن پ پ عورت ونگ جي جنرل سيڪريٽري بڻي.
نوازشريف جي شروعاتي دؤر ۾ شهلا رضا ڪجهه ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪئي وئي. مٿس ٻٽي قتل ۽ هٿيار سپلاءِ ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪري کيس ڪراچيءَ جي گوليمار علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. هوءَ 24 ڏينهن تائين سي. آءِ. ڊي سينٽر ڪراچيءَ ۾ رهي، جتي مٿس بيرحميءَ سان تشدد ڪيو ويو. سيده شهلا رضا کي ٻيو ڀيرو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ٻن ملازمن جي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ به هوءَ چئن مهينن تائين جيل ۾ رهي.
شهلا رضا، 2008ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي پيپلز پارٽيءَ پاران سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي، جنهن کانپوءِ 7 اپريل 2008ع تي هوءَ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي، جڏهن ته ان وقت نثار کهڙو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو هو. شهلا رضا ڪامنويلٿ پارليامينٽري ائسوسيئيشن سنڌ برانچ جي نائب صدر پڻ رهي چڪي آهي.
شهلا رضا جي شادي، 1991ع ۾ غلام قادر نالي هڪ شخص سان ٿي ۽ کيس 1992ع ۾ هڪ ڌيءُ ۽ 1994ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جيڪي ٻئي ٻارڙا 2005ع ۾ هڪ خوفناڪ حادثي ۾ گذاري ويا.
شهلا رضا وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ڀينر آهن، جن مان هيءَ چوٿين نمبر تي آهي. سندس هڪ ڀاءُ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ ٻيو ڊاڪٽر آهي، جيڪو آسٽريليا ۾ رهي ٿو. هن جي هڪ ڀيڻ شارجا ۾ رهي ٿي، باقي ڪراچيءَ ۾ رهن ٿيون.
شهلا رضا هميشه جرئتمنديءَ سان سياست ڪئي آهي. هن ڪراچي ۽ ملڪ جي حالتن تي هميشه بيباڪ موقف پئي رکيو آهي. شهلا رضا دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي پڻ رهي آهي.
شهلا رضا، تازو 2013ع جي صوبائي چونڊن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊجي آئي ۽ 30 مئي 2013ع تي ٻيو ڀيرو 86 ووٽ کڻي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي .


لفظ سيده شهلا رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.15  عيسوي

سـنڌ اسيمبليءَ جي موجـوده ڊپٽـي اسپيـڪـر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ، سيده شهلا رضا، 15 مئي 1964ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد محسن رضا زيديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2008.04.07  عيسوي

شهلا رضا، 2008ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي پيپلز پارٽيءَ پاران سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي، جنهن کانپوءِ 7 اپريل 2008ع تي هوءَ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي،


2013.05.30  عيسوي

سيده شهلا رضا 30 مئي 2013ع تي ٻيو ڀيرو 86 ووٽ کڻي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف ڊبليو تاباني
جمعو فقير 1
حاڪم علي شاهه بخاري
بشير احمد لغاري فقير
راجا پٿوراءِ
خليفو سيد محمد باقر شاهه
رفيق احمد مهيسر
ڏهراج محمد عبدالعزيز
راڻو اجمال
ارجن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون